علم تدريس مظلومن لاءِ

علم تدريس مظلومن لاءِ

علم تدريس مظلومن لاءِ

علم تدريس مظلومن لاءِ (ڪتاب): هيءُ ڪتاب پائلو فريريءَ جي مشهور تعليمي ڪتاب Pedagogy of the Oppressed جو ‘علم تدريس مظلومن لاءِ’ عنوان سان سنڌي ترجمو آهي، جيڪو سنڌي ٻوليءَ جي مشهور عالم محمد ابراهيم جويي ڪيو آهي. جويو صاحب ‘پنهنجي پاران’۾ لکي ٿو ته، “هن ڪتاب ۾ سمجهايل ‘تدريس جو علم’ خاص بالغن جي تعليم لاءِ، پوئتي پيل قومن جي عام خلق جي ڪثير حصي، ان جي مظلوم ۽ محروم حصي جي تعليم لاءِ هجڻ سبب، انهيءَ عوامي خدمت جي دائري ۾ ڪم ڪندڙ استادن، تعليم ڪارن ۽ سماجي، تهذيبي ۽ سياسي ڪارڪنن لاءِ، جيڪي اِن ڏس ۾ انقلابي اڳواڻپ جو رول ادا ڪن ٿا، بيحد هڪ مفيد ۽ ڪارائتو رهنما ڪتاب ثابت ٿي سگهي ٿو.”هي ڪتاب چئن بابن تي مشتمل آهي. ڪتاب جي منڍ ۾ مصنف جو تعارف، اسپينيءَ مان انگريزيءَ جي مترجم جو تعارف (رچرڊ شال پاران) ۽ مصنف جي مهاڳ جو سنڌي ترجمو به شامل ڪيو ويو آهي.
هن ڪتاب جا هن وقت تائين ٽي ڇاپا ڇپجي چڪا آهن. هي ڊيمي سائيز جي 203 صفحن تي مشتمل چار رنگي ٽائيٽل وارو ڇاپو روشني پبليڪيشن ڪنڊيارو، سنڌ پاران 2006ع ۾ ڇپجي پڌرو ٿيو، جنهن جي قيمت 130 روپيا آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو